حاجي علي شاهه هنڱورو

حاجي علي شاهه هنڱورو: ناليوارو استاد ۽ عالم سيد حاجي علي شاهه، 29 مئي 1912ع تي هنڱوري، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ فضل شاهه جـي گهـر ۾ جـنـم ورتـو. سـنـدس والـد ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو، ابتدائي تعليم هنڱوري جي اسڪول مان استاد گُرڏني مل ۽ ڪاڇي مل کان حاصل ڪيائين، انگريزي تعليم ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان حاصل ڪيائين، جتي روهڙيءَ جي قاضي خاندان جي مشهور فرد استاد علي رضا قاضيءَ جي کيس رهنمائي حاصل رهي. حاجي علي شاهه 1931ع ۾ واڌو مل اڪيڊميءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي، بعد ۾ شڪارپور جي علوي خاندان جي چشم و چراغ ميان مير احمد علوي شڪارپوريءَ جي مهربانيءَ سان چڪ ڀرسان ڳوٺ قاسم ۾ انگريزي ماستر مقرر ٿيو، جتان بدلي ٿي پير جي ڳوٺ آيو.
پير جي ڳوٺ ۾ نوڪريءَ دوران پاڳارن پيرن سان سندس تعلق جڙيو ۽ پير سائينءَ جي ننڍي فرزند نادر علي شاهه کي انگريزي مضمون ۾ ٽيوشن ڏنائين. هو پير جي ڳوٺ، اوٻاوڙي، ميرپور ماٿيلي، پني عاقل ۽ ڳڙهي ياسين جي هاءِ اسڪولن ۾ استاد ٿي رهيو ۽ ڪيئي ڪامياب شاگرد پيدا ڪيائين. 1969ع ۾ ڏهرڪي هاءِ اسڪول مان هيڊماستر طور رٽائر ڪيائين. شاهه صاحب زاهد قسم جو ماڻهو هو، رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ هنڱوري ۾ جامع مسجد جوڙايائين ۽ ان جو پيش امام ٿي رهيو. شاهه صاحب سنڌي ۽ انگريزيءَ جي گرامر جا ڪتاب لکيا، جيڪي استادن ۽ شاگردن ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا.
حاجي علي شاهه جون 2002ع ۾ وفات ڪئي. سندس نالي پٺيان هنڱوري ۾ ’علي شاهه پبلڪ اسڪول‘ قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.05.29  عيسوي

ناليوارو استاد ۽ عالم سيد حاجي علي شاهه، 29 مئي 1912ع تي هنڱوري، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ فضل شاهه جـي گهـر ۾ جـنـم ورتـو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير ڇٽو
پير پٿورو
راماڻي شيلا
آفتاب شعبان ميراڻي
پرتاب مينگهراج پرسواڻي
جتوئي علي نواز حاجن
ديبلي ابو جعفر محمد بن ابراهيم
ڌرمپال اگروال
پاٽائي يوسف سنڌ
صابره بيگم ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون